عبدالله پنهور

عبدالله پنهور

پنهور عبدالله

پنهور، عبدالله (ڳائڻو): فنڪار عبدالله پنهور، فيبروري 1937ع ۾ ٺٽي ۾ ڄائو. سندس پيءُ حاجي سليمان يڪتاري ۽ گھڙي تي ڳائيندو هو. ننڍپڻ ۾ ڪراچيءَ جي وسندي لياريءَ ۾ اچي رهيا. عبدالله پنهور کڏي مدرسي جامعه مظهرالعلوم مان مئٽرڪ پاس ڪري استاد پيشي سان وابسته رهيو. ڳائڻ جي شوق ڪري ماستريءَ جي نوڪري ڇڏي ڏنائين، پوءِ مختلف خانگي ادارن ۾ مزدوري ڪندو رهيو.
عبدالله پنهور سنڌيءَ کان سواءِ بلوچي، اردو، سرائيڪي ۽ گجراتي ٻولين ۾ به ڪلام ڳايا آهن. سندس ڳايل نغمن ۽ ڪلامن جو انگ هزارن ۾ آهي. ڪو وقت هو جڏهن ماڻهو شاديءَ جون تاريخون عبدالله پنهور کان پڇي پوءِ ٻڌندا هئا، ڇو ته هو ايترو ته مصروف رهندو هو، جو هن وٽ ٻن ٻن مهينن تائين محفلون بڪ هونديون هيون.


هن صفحي کي شيئر ڪريو